حسين بادشاهه

حسين بادشاهه

حسين بادشاهه

حسين بادشاهه: ليکڪ، مترجم ۽ محقق، حسين بادشاهه جو پورو نالو محمد حسين بادشاهه آهي. هن 29 آڪٽوبر 1967ع تي محمد موسيٰ سومري جي گهر جنم ورتو، جيڪو پڻ اديب ۽ ترجمي نگار هو. حسين بادشاهه پرائمري تعليم ڪراچيءَ جي هڪ اسڪول مان حاصل ڪئي؛ مڊل تائين سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ ۽مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول مان پڙهيو. انٽرميڊئيٽ به حيدرآباد مان ڪرڻ بعد هن بي. اي ۽ ايم. اي (پوليٽيڪل سائنس) 1994ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي. کيس ننڍپڻ کان لکڻ پڙهڻ جو شوق رهيو. هن مختلف سنڌي اخبارن ۾ رپورٽر ۽ ڪمپيوٽر آپريٽر طور به ڪم ڪيو، روزاني جنگ جو رپورٽر به رهيو، سنڌي اخبارن ۾ ڪالم، مضمون ۽ فيچر به لکيائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:
(1) ’حيدرآباد جي تاريخ‘ (ترجمو: 2003ع)، (2) ’ڏند ڪٿائون ۽ قصا‘ (2003ع)، (3) ’سنڌ جو سوشلسٽ صوفي: شاهه عنايت شهيد‘ (سهيڙيل: 2004ع)، (4) ’رامائڻ‘: راج گوپال (ترجمو: 2004ع)، (5) ’زلفي منهنجو دوست‘ (ترجمو: 2005ع)، (5) ’سنڌ ۾ جاگيرن جي تاريخ‘ (ترجمو: 2005ع)، (6) ’ميرا دوست زلفي‘ (2005ع)، (7) ’سنڌي واپاري‘ (ترجمو: 2005ع)، (8) ’سنڌ جا پير‘ (برطانوي دور: ترجمو)، (9) ’پاڪستان پينل ڪوڊ 1860‘ (ترجمو: 2006ع)، (10) ’سماجي معاهدو‘ (2006ع)، (11) ’سنڌ گزيٽيئر‘: اِي. ايڇ. ائٽيڪن (ترجمو: 2006ع)، (12) ’هٽلر جي آتم ڪهاڻي‘ (ترجمو)، (13) ’گوتم ٻُڌ‘ (ترجمو)، (14) ’هير رانجهو‘ (ترجمو: 2007ع)، (15) ’سرچاءُ‘ (شهيد بينظير ڀٽو: ترجمو: 2008ع)، (16) ’منهنجي پياري ڌيءُ پنڪي‘ (ترجمو:2008ع)، (17) ’ڌرتيءَ ڌيءُ‘ (محترمه بينظير شهيد جي آتم ڪهاڻي: ترجمو:2008ع)، (18) ’سنڌي واپارين جو بخارا کان پناما تائين واپار‘ (ترجمو).
حسين باگن (ديهه): تعلقي ساماري جي هڪ ديهه، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن:
جڻيو چاوڙو، وسؤ خان ڪپري ۽ اوطاق علي محمد ڀرڳڙي.


لفظ حسين بادشاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1967.10.29  عيسوي

ليکڪ، مترجم ۽ محقق، حسين بادشاهه جو پورو نالو محمد حسين بادشاهه آهي. هن 29 آڪٽوبر 1967ع تي محمد موسيٰ سومري جي گهر جنم ورتو، جيڪو پڻ اديب ۽ ترجمي نگار هو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چٺا حامد ناصر
شيخ محمد اسلم 1
آچر فقير مڱڻهار
جعفر خان جمالي
شهزور علي طيباڻي
هيرانند ٽيڪچند ساڌواڻي
سيد محمد علي شاهه
ٽالپر مير سهراب خان
ثابت فقير
ڄام چينو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون